رياض-10 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ان دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن سان سهڪار وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ عالمي معاملن ۽ سيڪورٽي معاملن تي به غور ڪيو ويو. جڏهن ته …
سعودي ولي عهد سان فرانس جي صدر ۽ برطانوي وزيراعظم جو ٽيليفونڪ رابطو

مزید خبریں
رياض-10 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ان دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن سان سهڪار وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ عالمي معاملن ۽ سيڪورٽي معاملن تي به غور ڪيو ويو. جڏهن ته برطانيه جي وزيراعظم ڪيئراسٽارمر پُڻ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپا ۽ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن جو به جائزو ورتو.










