واشنگٽن -09 (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه برسلز ۾ نيٽو هيڊ ڪوارٽر ۾ مقرر هڪ اعليٰ ليڊي فوجي ڪمانڊر کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽن عهديدارن ٻڌايو ته نيٽو ملٽري ڪميٽي ۾ آمريڪي فوجي نمائنده ڊپٽي جنرل شوشنا چيٽ فيلڊ کي هفتي جي آخر ۾ کيس برطرفي جو اطلاع ڏنو ويو. چيٽ فيلڊ جي اوچتو برطرفي هڪ اعليٰ آمريڪي فوجي آفيسر جي گهٽ …
آمريڪي صدر پاران نيٽو ۾ آمريڪا جي اعليٰ ليڊي آفيسر برطرف

مزید خبریں
واشنگٽن -09 (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه برسلز ۾ نيٽو هيڊ ڪوارٽر ۾ مقرر هڪ اعليٰ ليڊي فوجي ڪمانڊر کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽن عهديدارن ٻڌايو ته نيٽو ملٽري ڪميٽي ۾ آمريڪي فوجي نمائنده ڊپٽي جنرل شوشنا چيٽ فيلڊ کي هفتي جي آخر ۾ کيس برطرفي جو اطلاع ڏنو ويو. چيٽ فيلڊ جي اوچتو برطرفي هڪ اعليٰ آمريڪي فوجي آفيسر جي گهٽ ۾ گهٽ نائين برطرفي آهي. انهن برطرف ٿيلن ۾ چار عورتون به شامل آهن. چيٽ فيلڊ نيو پورٽ، رهوڊ آئيلينڊ ۾ نيول وار ڪاليج جي ڪمانڊ ڪندڙ پهرين عورت بڻجڻ کانپوءِ 2023ع کان نيٽو ۾ خدمتون انجام ڏنيون.










