رياض _ 9 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جو شهزادو عبدالله بن مساعد لاڏاڻو ڪري ويو. شاهي ايوان مان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهزاده عبدالله بن مساعد آل عبدالرحمان آل سعود لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فوت ٿي ويل شهزادي عبدالله بن مساعد جي جنازي نماز اربع تي رياض جي جامع مسجد الامام ترڪي بن عبدالله ۾ ادا ڪئي ويئي. بيان جي آخر ۾ شهزاده عبدالله بن مساعد آل عبدالرحمان آل سعود جي مغفرت ۽ سندس درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي وئي.