سعودي، ٽيڪس ۽ ڪسٽم اٿارٽي جون ڪارروائيون، هڪ هفتي ۾ منشيات جون هڪ هزار کان وڌيڪ پابندي پيل شيون ضبط

رياض-06 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ٽيڪس ۽ ڪسٽم اٿارٽي مختلف ڪارروائين دوران هڪ هفتي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ منشيات وارين شين سميت پابندي پيل ٻين شين جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب اٿارٽي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جاچ ٽيمن هڪ هفتي دوران منشيات سميت هڪ هزار 18 کان وڌيڪ پابندي پيل شيون ۽ ڪرنسي اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش …

رياض-06 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ٽيڪس ۽ ڪسٽم اٿارٽي مختلف ڪارروائين دوران هڪ هفتي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ منشيات وارين شين سميت پابندي پيل ٻين شين جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب اٿارٽي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جاچ ٽيمن هڪ هفتي دوران منشيات سميت هڪ هزار 18 کان وڌيڪ پابندي پيل شيون ۽ ڪرنسي اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. اٿارٽي ملڪي معيشت ۽ معاشري جي تحفظ لاءِ پابندي پيل شين جي اسمگلنگ خلاف جاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته اٿارٽي کي وقت تي ۽ درست اطلاع ڏيندڙن کي راز ۾ رکيو وڃي. جڏهن ته درست معلومات هجڻ جي صورت ۾ انهن کي انعام پڻ ڏنو وڃي. اٿارٽي جو چوڻ آهي، ته معاشري جي تحفظ لاءِ ڪنهن به شڪي ڪارروائي بابت 1910 ٽول فري نمبر تي اطلاع ڏئي سگهجي ٿو.

مزید خبریں