لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ۽ ترڪمانستان جي عوام کي عيد جون واڌايون پيش ڪيون. هن ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ پيپلز ڪائونسل (هلڪ ماصلاهتي) جي چيئرمين گربنگولي بردي محمودف کي به عيد جون وڌايون پيش ڪيون. وزيراعظم ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ دوستاڻن ناتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻه طرفن ناتن جي هاڪاري اڳڀرائي ڏسڻ همٿائيندڙ آهي. ان رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ وزيراعظم اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان حوالي سان هن گذريل سال آڪٽوبر ۾ صدر آصف علي زرداري جي اشڪ آباد جي دؤري جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان گذريل سال ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ جي دؤري جو پاڪستان جي ميزبانيءَ جو منتظر هو پر اهو دؤرو ممڪن نه ٿي سگهيو. وزيراعظم ترڪمانستان جي صدر ۽ ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ کي جلد پاڪستان جي سرڪاري دؤري جي پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.