گڏيل قومون – 30 جنوري(اي پي پي)گڏيل قومن جي فلسطين جي پناهگيرن بابت اداري (انروا ) چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سندن فنڊن تي پابندي باوجود فلسطينين جي امداد جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه انروا جي لبنان لاءِ ڊائريڪٽر ڊو روٿي ڪلائوس لبنان جي فيلڊ آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائڻ دوران چئي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انروا جي امداد تي پابندي لڳائي آهي ان باوجود لبنان ۾ فلسطينين لاءِ اداري جي امدادي سرگرمين تي ڪو اثر نه پوندو . سندس چوڻ هو ته لبنان ۾ فلسطينين لاءِ آمريڪا انروا کي پهريان ئي امداد ناهي ڏئي رهيو ان لاءِ انهن جي امداد روڪڻ جي اعلان سان اداري جو لبنان ۾ چيپٽر يا اتي پناهه وٺندڙ فلسطيني متاثر نه ٿيندا. انروا جي ڊائريڪٽر چيو ته لبنان ۾ اداري جي سرگرمين تي اسرائيل جي نئين قانون جو به ڪو اثر نه ٿيندو. اسرائيل اهو قانون آڪٽوبر ۾ اولهه ڪناري ۽ غزه ۾ انروا جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ پارليمينٽ کان منظور ڪرايو هو ته جيئن ان کي فلسطينين جي مدد کان مڪمل طور تي روڪي سگهجي . خيال رهي ته انروا فلسطيني پناهگيرن کي تعليم، صحت ۽ رهائش جي سلسلي ۾ امداد فراهم ڪندو آهي. واضع رهي ته آمريڪا انروا جي امداد مارچ 2025ع کان بند ڪرڻ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته اسرائيل ان تي غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ فلسطينين جي امداد روڪڻ لاءِ مڪمل پابندي لڳائي آهي.