واشنگٽن – 30 جنوري(اي پي پي) آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن جي ايئر پورٽ ويجهو مسافر جهاز فوجي هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ بعد درياهه ۾ ڪري پيو حادثي ۾ 18 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فوجي هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ بعد مسافر جهاز يوٽو ميڪ درياهه ۾ ڪري پيو جنهن جي فوري بعد امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون. آمريڪي ايئر لائن جي اڏام يو ايل 5432 ڪينساس جي شهر وڪيٽا کان واشنگٽن پهتي هئي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فضائي حادثي کان اگاهه ڪيو ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته فضائي حادثي بابت صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته واشنگٽن پوليس طرفان هن وقت تائين ان حادثي ۾ 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪن ايئر لائنز حادثي جو شڪار ٿيل آمريڪن ايئر لائنز جي جهاز ۾ 60 مسافر ۽ عملي جا 4 اهلڪار سوار هئا جڏهن ته آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر ۾ 3 آمريڪي فوجي سوار هئا، انهن ۾ ڪو سينئر فوجي عهديدار شامل نه هو. روشني جي گهٽتائي ۽ شديد ٿڌي موسم سبب امدادي ڪارڪنن کي مشڪلاتون درپيش آهن، فضا ۾ ٽڪرائجڻ کانپوءِ جهاز ٻن حصن ۾ ٽٽي پوٽو مڪ دريا ۾ ڪريو هو. ميڊيا موجب بليڪ هيلي ڪاپٽر به دريا ۾ ئي ڪريو آهي. امدادي ڪاررواين ۾ مصرف عملي حادثي واري هنڌ تان 18 لاس هٿ ڪيا آهن ۽ هن وقت تائين ڪو به مسافر زنده نه مليو. حادثو اربع جي رات ريگن واشنگٽن نيشنل ايئرپورٽ جي رن وي 33 جي ويجهو مقامي وقت موجب 9 وڳي ڌاري ان وقت پيش آيو جڏهن ايئر پورٽ تي لهڻ جي ڪوشش ڪندڙ آمريڪن ايئر لائنز جي اڏام بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر تان ٽڪرائجي وئي. آمريڪي ايگل فلائيٽ 5342 چيٽا، ڪنساس کان واشنگٽن ڊي سي اچي رهي هئي جڏهن ته فوجي هيليڪاپٽر ورجينيا ۾ فورٽ بيلوئر جي اڏي تان اڏيو هو ۽ اها تربيتي اڏام هئي. حادثي کانپوءِ رونالڊ ريگن نيشنل ايئرپورٽ تي سموريون اڏامون معطل ڪيون ويون.