لنڊن- 21 جنوري (اي پي پي) چيلسي انگلش پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ وولورهيمپٽن وانڊررز کي 3-1 جي گول تان هارائي ڇڏيو آهي. اها چيلسي جي ليگ ۾ 11 هين فتح آهي. توسين ادارابيو، مارڪ ڪوڪوريلا ۽ نوني مادو هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم چيلسي جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پريميئر ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن.