اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزارت پاڪستان ملائيشيا پارلياماني گروپ کي ٻطرفي لاڳاپن تي بريفنگ ڏني. پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ موجود پاڪستان – ملائيشيا پارلياماني فرينڊشپ گروپس کي گڏيل تعاون ۽ افهام ۽ تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ عوامي رابطي کي مضبوط ڪرڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جيڪي ٻنهي قومن جي وچ ۾ ڊگهي مدي وارن لاڳاپن جي لاءِ اهم آهن. سيشن جي صدارت پاڪستان – ملائيشيا پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينر ڊاڪٽر امجد علي خان ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبرن بشمول راڻا انصار، محبوب شاهه، صاحبزاده سبغت الله ۽ عمير خان نيازي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف قدمن ۽ تعاون جي شعبن تي زور ڏنو ويو. پرڏيهي وزارت ۽ واپار واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪندڙن کي ڪيترن ئي اهم موضوعن تي بريفنگ ڏني جنهن جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ هو. اجلاس ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي موقعن، خاص طور تي شاگردن جي مٽاسٽا پروگرامز بحث هيٺ آيا ته جيئن پاڪستاني ۽ ملائيشين شاگرد هڪ ٻئي جي تعليمي ادارن مان فائدو کڻي سگهن. واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ويو جنهن ۾ پاڪستاني روانگي واپار جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) جي ذريعي حصيداري کي رسمي شڪل ڏيڻ جي اهميت تي روشني وڌي وئي. اجلاس کي ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ، جهڙوڪ ڪاروباري پيشيور ماڻهن جي لاءِ ويزا جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ اهم عملن کان آگاهه ڪيو ويو. ڪنيڪٽيويٽي ۽ سياحت کي اعليٰ ترجيحي شعبا قرار ڏنو ويو ۽ اسلام آباد مان ملائيشيا تائين سڌوسنئون اڏامن جي شروعات تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته جيئن سفر کي آسان بڻائي سگهجي ۽ سياهن کي متوجه ڪري سگهجي. ڊاڪٽر امجد علي خان پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن جي اهميت ۽ ڊيجيٽل معيشت، سياحت ۽ واپار جهڙن اڀرندڙ شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن انهن تجويزن تي عملدرآمد ۽ ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.