ريوڊي جنيرو – 19 نومبر (اي پي پي) دنيا جي 20 وڏين معيشتن تي ٻڌل گروپ جي-20 جا اڳواڻ ريو ڊي جنيرو ۾ ٿيل هڪ سربراهي اجلاس ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي ڳالهين ۾ تعطل جي خاتمي ۾ ناڪام رهيا آهن جنهن سبب يوڪرين جنگ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي جهڙن موضوعن جو وڌيڪ اهميت اختيار ڪرڻ هو. اجلاس کان اڳ گڏيل قومن دنيا جي امير ترين معيشتن جي اڳواڻن کي درخواست ڪئي هئي، ته هو آذربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ ماحولياتي تبديلين بابت تعطل جو شڪار ٿيل ڳالهين کي بچائن لاءِ گلوبل وارمنگ جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن لاءِ مالي مدد ۾ اضافو ڪن. ريو ڊي جنيرو ۾ ٿيل سربراهي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن وچ ۾ ان ڳالهه تي سخت اختلاف ڏسڻ ۾ آيو ته گلوبل وارمنگ جي ناڪاري اثرن سبب ٿيندڙ نقصانن تي ادائگيون ڪير ڪندو، جڏهن تهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان لاءِ کربين ڊالرن جي وڏي رقم گهربل هوندي ۽ ان جا سمورا ذريعا حاصل ڪرڻ گهرجن. ماحول جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري گلوبل سٽيزن جي شريڪ باني مڪ شيلڊرڪ آذربائيجان جي گادي واري هنڌ جو حوالو ڏيندي چيو ته جي-20 اڳواڻ ان حوالي سان ذميواري کي واپس باڪو ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي ماحولياتي ڳالهين طرف منتقل ڪري رهيا آهن ۽ ان صورت ۾ ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. ريوڊي جنيرو ۾ جاري اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ يوڪرين جنگ جي پکڙجڻ جي خطري ۽ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪا فرسٽ پاليسي جهڙا موضوع وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ پاڻ کي نئين دور ۾ عالمي نظام جي محافظ طور پيش ڪيو ۽ اجلاس ۾ شريڪ آمريڪي صدر جو بائيڊن کان وڌيڪ توجهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ خبردار ڪيو ته دنيا کي هنگامي صورتحال جو نئون دور درپيش آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دنيا ۾ جاري جنگين کي پکڙجڻ نه گهرجي ۽ نه ئي جنگ جي باهه کي وڌائڻ گهرجي. ان موقعي تي جاري بيان ۾ سربراهي اجلاس جي اڳواڻن غزه ۽ لبنان تي جامع جنگ بندي جو مطالبو ڪيو جڏهن ته يوڪرين جنگ جي حوالي سان انهن وچ ۾ اختلاف به سامهون آيا. ان موقعي تي برازيل جي صدر بک ۽ ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ کي اجلاس جي ايجنڊا ۾ سڀ کان مٿي رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سڄي دنيا ۾ امير ماڻهن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو جن کي وڏي پئماني تي ساراهيو ويو. سندن تجويزن کي ساراهيندڙن ۾ سڄي دنيا ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارو آڪسفيم به شامل هو، يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي واقعن ۾ اضافي بابت خبردار ڪيو، روس جي صدر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي جنهن جو سبب عالمي فوجداري عدالت طرفان يوڪرين جنگ تي سندس گرفتاري جو حڪم هو.