نواب شاهه -15 نومبر(اي پي پي) سموري ملڪ جيان شھيد بينظيرآباد ضلعي ۾ پڻ ستين ڊجيٽل زرعي شماري 2 ڊسمبر کان شروع ٿيندي. انھي سلسلي ۾ شماريات کاتي پاران زرعي شماري لاءِ مقرر ڪيل نگرانن ۽ شماري ڪندڙ عملي جي ٽن ڏينھن واري تربيت ڊي سي آفيس نواب شاهه ۾ شروع ٿي وئي جنھن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شھريار …
پاڪستان جي مختلف حصن وانگر شھيد بينظيرآباد ۾ ستين ڊجيٽل زرعي شماري 2 ڊسمبر کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
نواب شاهه -15 نومبر(اي پي پي) سموري ملڪ جيان شھيد بينظيرآباد ضلعي ۾ پڻ ستين ڊجيٽل زرعي شماري 2 ڊسمبر کان شروع ٿيندي. انھي سلسلي ۾ شماريات کاتي پاران زرعي شماري لاءِ مقرر ڪيل نگرانن ۽ شماري ڪندڙ عملي جي ٽن ڏينھن واري تربيت ڊي سي آفيس نواب شاهه ۾ شروع ٿي وئي جنھن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شھريار گل ميمڻ چيو ته ضلعي ۾ ستين ڊجيٽل زراعت شماري 2 ڊسمبر کان شروع ٿي رھي آھي جنھن جو مقصد زرعي وسيلن، فصلن، زمين، مال متاع، زرعي مشينري بابت معلومات گڏ ڪرڻ آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ زرعي شماري سان فائدو ملندو انھي لاءِ تربيت واري ڪم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ان موقعي تي ماسٽر ٽرينر/ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شماريات نورالدين جمالي آگاھي ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ سميت ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ ستين ڊجيٽل زراعت شماري 2 ڊسمبر 2024 کان شروع ٿيندي جيڪا 15 جنوري 2025 تائين جاري رھندي.ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪالهه 15 نومبر کان فيلڊ آپريشن لاءِ ٽريننگ شروع ڪئي وئي آهي جيڪا 17 نومبر تائين جاري رھندي جنھن ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، آئي ڪراپنگ کاتو حصو وٺي رھيا آھن. تربيتي پروگرام ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نواب سمير لغاري، آئي ٽي ٽرينر مدثر احمد ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.











