فيصل آباد -18 جون (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪي معيشت جي پائيدار بنيادن تي مستحڪم ڪرڻ جي جامع ڪوششن جي حصي طور خرچن ۾ گهٽتائي ۽ محصولن ۾ اضافي جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي اباڻي شهر ڪماليه ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وفاقي حڪومت انهن هڪجهڙن وزارتن ۽ کاتن کي بند ڪندي جيڪي صوبن کي ڏنيون ويون آهن. ان قدم سان خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري جي اميد آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، هي قدم حڪومت تي مالي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، حڪومت سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪندي، جيڪي قومي خزاني کي انتهائي نقصان پهچائي رهيا آهن. انهن ادارن جي نجڪاري سان حڪومت تي مالي بار گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ م مدد ملندي. هن اهو به اعلان ڪيو ته ڪراچي ايئرپورٽ جي آئکوٽ سورسنگ مڪمل ٿي رهي آهي، ڪراچي ايئرپورٽ کي هلندڙ سال جولاءِ يا آگسٽ تائين نجي شعبي جي حوالي ڪيو ويندو. جنهن کان پوءِ لاهور ايئرپورٽ به نجي شعبي حوالي ڪيو ويندو. سينيٽر محمد اورنگزيب ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وزيراعظم ذاتي طور خرچن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن ايندڙ 3 سالن ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 9.5 سيڪڙو کان وڌائي 13 سيڪڙو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي، ته ملڪ هلائڻ لاءِ ٽيڪس ضروري آهي. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت محصولاتي قدمن جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ ٽيڪس جي دائري ۾ غير ٽيڪس وارن شعبن کي شامل ڪرڻ، 3.9 ٽريلن رپين جي ٽيڪس ڇوٽ کي آهستي آهستي ختم ڪرڻ ۽ صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاليسين کي تبديل ڪرڻ شامل آهي. وزير اعلان ڪيو ته 32000 ريٽيلرز پهرين ئي رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ جولاءِ 2024ع کان انهن تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو ۽ ٻين شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت جي عزم تي زور ڀريو. هن چيو ته سيلز ٽيڪس آٽوميشن اولين ترجيح آهي. هن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ان شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام لاءِ 41 ارب رپيا رکيا ويا آهن. حڪومت ٽيو ويلن کي سولرائز ڪرڻ، ننڍن آبادگارن کي قرض فراهم ڪرڻ ۽ گودامن کي تيار ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿي. ننڍن آبادگارن جي سهولت لاءِ هن چيو ته ڀاڻ، ڀڄ ۽ زراعت تي سبسڊي جاري رهندي. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي م حڪومت جو مقصد فري لانسرز کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ کي 3.5 بلين ڊالرن مان وڌائي 7 بلين ڊالر ڪرڻ آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ آءِ ٽي سيڪٽر کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي. ناڻي واري وزير يقين ڏياريو ته وزيراعظم جو تازو چين جو دورو امداد حاصل ڪرڻ بدران ٽيڪنالاجي جي منتقلي، صنعت جي ترقي ۽ ايڪسپورٽ کي وڌائڻ تي ڌيان هو. مجموعي طور حڪومت جي منصوبن جو مقصد ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، امداد تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ ۽ ٽيڪسن، تعميل، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙن اهم شعبن ۾ ترقي ذريعي پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي.