بهادر سيڪيورٽي آفيسرن، اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان تي قرض آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن، اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان تي قرض آهن، جنهن کي اسان کي دهشتگردي جي مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ضلعي لڪي مروت ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ ڪيپٽن سميت پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي تمام گهڻو …

اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن، اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان تي قرض آهن، جنهن کي اسان کي دهشتگردي جي مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ضلعي لڪي مروت ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ ڪيپٽن سميت پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان تي هڪ قرض آهي جنهن کي اسان کي ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. وزيراعظم سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي آهي.

مزید خبریں