تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هڪان فيدان سان مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب دوران ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ترڪيه جي نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير سان تهران ۾ ملاقات
تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هڪان فيدان سان مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب دوران ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.












