سلهٽ -21 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) 22 مارچ کان شروع ٿيندي. ميچ سلهٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سلهٽ ۾ کيڏي ويندي، ميچ مقامي وقت موجب صبح جو 9:30 منٽن تي ٿيندي، ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي – ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويئي آهي. ون ڊي ميچن ۾ ميزبان بنگلاديش جي ٽيم سريلنڪا کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آئرلينڊ بنگلاديش کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ 22 کان 26 مارچ ۽ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 30 مارچ کان 3 اپريل تائين کيڏي ويندي. ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي نجم الحسين شانتو جڏهن ته آئي لينڊرز کي ڌننجاياڊي سلوا ليڊ ڪندو.