ڪولمبو 15 فيبروري (اي پي پي ) سريلنڪا ۽ افغانستان جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 17 فيبروري تي رنگيري دمبولا انٽر نيشنل اسٽيڊيم دمبولا ۾ کيڏي ويندي ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيل واحد ٽيسٽ ميچ آئي لينڊر 10 وڪيٽن تان کٽي ورتي هئي جنهن کان پوءِ ٽي ون ڊي عالمي ميچن جي سيريز کيڏي وئي جنهن ۾ ميزبان آئي لينڊرز افغانستان جي ٽيم کي 3-0 تان وائٽ واش ڪري ڇڏيو هيو ٽن ون ڊ انٽر نيشنل ميچن جي سيريز جي سمورا ميچ پالي ڪيلي انٽر نيشنل ڪرڪٽ اسٽيڊيم پالي ڪيلي ۾ کيڏيا ويا هيا سريلنڪن ٽيم جي قيادت مشهور آل رائونڊر وينندو هست نگا ڪندو جڏهن ته افغاستان جي ٽيم کي مشهور اوپننگ بيٽسمين ابراهيم زدران ليڊ ڪندو ٽن ٽي ٽونٽي انٽر نيشنل ميچن جي سيريز جي شروعات 17 فيبروري تي پهرين ميچ سان ٿيندي ٻئين ٽي ٽونٽي ميچ 19 فيبروري تي جڏهن ته ٽي ۽ آخري ٽي ٽونٽي ميچ 21 فيبروري تي کيڏي ويندي .