اسان جا اهلڪار غزه جي ناصر اسپتال ۾ ڪيترن ڏينهن کان بنا ڪفن جي پيل فلسطينين جي لاشن تائين رسائي حاصل نٿا ڪري سگهن: گڏيل قومون

غزه- 13 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني همدردي جي اداري او سي ايڇ اي چيو آهي ته غزه جي ناصر اسپتال ۾ اسرائيلي فوجين جي ڪاروائين ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جا لاش ڪيترن ڏينهن کان بنا ڪفن پيل آهن پر انهن جا اهلڪار اسپتال ويجهو اسرائيلي فوجي ڪاروائين سبب انهن تائين رسائي حاصل نٿا ڪري سگهن . الجزيره مطابق اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو …

غزه- 13 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني همدردي جي اداري او سي ايڇ اي چيو آهي ته غزه جي ناصر اسپتال ۾ اسرائيلي فوجين جي ڪاروائين ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جا لاش ڪيترن ڏينهن کان بنا ڪفن پيل آهن پر انهن جا اهلڪار اسپتال ويجهو اسرائيلي فوجي ڪاروائين سبب انهن تائين رسائي حاصل نٿا ڪري سگهن . الجزيره مطابق اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازن ڏينهن ۾ به اسپتال ويجهو 6 ماڻهن کي مبينه طورتي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي . جنهن ۾ ڇنڇر ڏينهن تي اسپتال جي پڌر ۾ قتل ڪيل 4 فلسطيني ۽ آچر ڏينهن تي اسپتال جي گيٽ سامهون مارجي ويل 2 فلسطيني شامل آهن .

مزید خبریں