ايران کي جواب ڀارت کي پيغام آهي ته جيڪڏهن هن ڪا اهڙي حرڪت ڪئي ته ان کي به ساڳيو جواب ڏنو ويندو، پاڪستان وٽ ايران کي جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو، ايران کي جواب ڏيڻ جو فيصلو آرمي چيف جو هو، جيڪو سڀ کان بهتر ۽ تڪڙو هو، نگران حڪومت ڪنهن به هڪ پارٽي کي ٽارگيٽ نه پئي ڪري، خدشا سمورين پارٽين کي آهن پر پي ٽي آءِ وڪٽم ڪارڊ کيڏڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ جي حڪومت جمهوري ۽ آئيني طريقي سان عدم اعتماد وسيلي ختم ٿي هئي، 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ووٽرز آزاداڻي نموني سان پنهنجو حق استعمال ڪندا، بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو مشڪل آهي، ڪيترين ئي تنظيمن ملڪ جي خلاف هٿيار کنيا آهن، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، صدر ٿيڻ جو ڪو به شوق نه آهي، حڪومت مان وڃڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ رهڻ جي لاءِ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندس يا سينيٽر بڻجندس: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايران کي جواب ڀارت کي پيغام آهي ته جيڪڏهن هن ڪا اهڙي حرڪت ڪئي ته ان کي به ساڳيو جواب ڏنو ويندو، پاڪستان وٽ ايران کي جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو، ايران کي جواب ڏيڻ جو فيصلو آرمي چيف جو هو، جيڪو سڀ کان بهتر ۽ تڪڙو هو، نگران حڪومت …

اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايران کي جواب ڀارت کي پيغام آهي ته جيڪڏهن هن ڪا اهڙي حرڪت ڪئي ته ان کي به ساڳيو جواب ڏنو ويندو، پاڪستان وٽ ايران کي جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو، ايران کي جواب ڏيڻ جو فيصلو آرمي چيف جو هو، جيڪو سڀ کان بهتر ۽ تڪڙو هو، نگران حڪومت ڪنهن به هڪ پارٽي کي ٽارگيٽ نه پئي ڪري، خدشا سمورين پارٽين کي آهن پر پي ٽي آءِ وڪٽم ڪارڊ کيڏڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ جي حڪومت جمهوري ۽ آئيني طريقي سان عدم اعتماد وسيلي ختم ٿي هئي، 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ووٽرز آزاداڻي نموني سان پنهنجو حق استعمال ڪندا، بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو مشڪل آهي، ڪيترين ئي تنظيمن ملڪ جي خلاف هٿيار کنيا آهن، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، صدر ٿيڻ جو ڪو به شوق نه آهي، حڪومت مان وڃڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ رهڻ جي لاءِ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندس يا سينيٽر بڻجندس. مختلف نجي ٽي وي چينلز کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ايران جي حملي کي جيڪڏهن درست سمجهون ها ته جواب نه ڏيون ها، پاڪستان وٽ ان عمل جو جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو، ايران کي جواب ڏيڻ جو فيصلو آرمي چيف ڪيو، جيڪو فوري ۽ بهتر هو ۽ ان سان هڪ تاريخ لکجي وئي آهي. هن چيو ته خطي جا سڀئي ملڪ پاڪستان طرف ڏسي رهيا هئا ته هو ان عمل جو ڪهڙو جواب ڏي ٿو. هن چيو ته ايران کي جواب ڀارت کي پيغام آهي ته ان ڪا حرڪت ڪئي ته ان کي به ساڳيو ئي جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته اسان وٽ حملي جو جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو ۽ نه ئي وري اهو ممڪن هو ته اسان خاموش ٿي ويهي رهون. هن چيو ته اسان جو جواب سڀني جي لاءِ پيغام آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪو اچي ملڪ تي حملو ڪري وڃي ۽ اسان ڏسندا رهون. هن چيو ته ايران اسان جو ڀائر ملڪ آهي ۽ ان طرفان اهڙي حملي تي تعجب ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن ايران جي اعليٰ قيادت کي ان عمل جو پتو نه هو ته پوءِ اها ڳالهه وڌيڪ خطرناڪ آهي ته اعليٰ قيادت کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ ئي هڪ ائٽمي ملڪ تي حملو ڪيو ويو. گهٽ ۾ گهٽ مون کان اها ڳالهه هضم نه ٿي ٿئي. هن چيو ته مون تي ان صورتحال جي حوالي سان بيان جاري ڪرڻ جي حوالي سان دٻاءُ هو پر مون ڄاڻي واڻي ڪو بيان نه ڏنو ڇو ته مون چاهيو پئي ته پاڪستان جو ردعمل ئي منهنجو بيان هجي. هن چيو ته ايران سان اسان جو ڪو به سرحدي تڪرار نه آهي. اسان جي حملي ۾ ڪو به ايراني نه ماريو ويو پر ايران جي حملي ۾ پاڪستاني شهيد ٿيا. بي ايل اي جي حوالي سان ايران آڏو ڪيترائي ڀيرا معاملا اٿاريا آهن پر ايران ڪي به قدم نه کنيا. هن چيو ته ايران جو حملو هڪ غلط عمل هو ۽ ان کانسواءِ مون کي ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿي لڳي. هن چيو ته ايران کي اهو ٻڌائڻو پوندو ته اهي غيرملڪي ماڻهو اتي ڇو هئا. هن چيو ته اسان انهن شين کي سفارتي سطح تي به کڻي رهيا آهيون پر نه ٿا چاهيون ته ڪنهن ملڪ جي بدنامي ٿئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا تمام گهڻا واقعا ٿين ٿا پر ايران ۾ اهي واقعا گهٽ ٿين ٿا. هن چيو ته ان عمل کانپوءِ ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن جو خطرو هو. نگران وزيراعظم افغانستان جي سرحد تي طالبان جي حملن جي حوالي سان چيو ته افغانستان هڪ نان فنڪشنل رياست آهي ۽ اتي نان اسٽيٽ ايڪٽرز سرگرم آهن. افغانستان ٽڪرن ۾ ورهايل آهي هر علائقي ۾ جدا جدا ماڻهو طاقت ۾ آهن. هن چيو ته جڏهن به ملڪ کي خطرو ٿيو ته اسان سڀ آپشن استعمال ڪنداسين. هن چيو ته سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن رخن تي غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته ڪنهن ۾ به جرئت نه آهي ته اچي ۽ اسان کي لتاڙي هليو وڃي. پاڪستان جي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا هر وقت الرٽ آهن ۽ اهي هر صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکن ٿا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي پابندي جو ڪو به منصوبو نه آهي ۽ نه ئي وري ان حوالي سان سوچيو آهي، رڳو سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو آهي ته جيئن ان کي ريگيوليٽ ڪري سگهجي ۽ غلط خبرن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هن چيو ته مون کي خبر نه آهي ته پي ٽي آءِ جي ورچوئل جلسي جي حوالي سان انٽرنيٽ ۾ ڪي رڪاوٽون وڌيون ويون هيون، آئون ان حوالي سان پي ٽي اي کان پڇندس ته ان حوالي سان ڪو فني مسئلو هو يا ٻيو ڪو سبب هو. نگران وزيراعظم چيو ته مون جيئن ئي چارج ورتي ته اهي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ته اسان ڊگهي مدي جي لاءِ آيا آهيون ۽ گهڻو وقت رهنداسين واپس نه وينداسين ۽ پنهنجي بادشاهي قائم ڪري ويهي رهنداسين پر شڪر آهي ته چونڊن جو اعلان ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ڪوشش آهي ته چونڊون پرامن ٿين ۽ ان وچ ۾ ڪو وڏو واقعو نه ٿئي. هن چيو ته عالمي ميڊيا به موجود هوندي جيڪا چونڊن کي مانيٽر ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ذميواري آهي ته اهي چونڊون پرامن ۽ شفاف ڪرائين، اسان رڳو انهن کي مدد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف وڪٽم ڪارڊ کيڏي سگهي ٿي جڏهن ته ٻين پارٽين کي به ڪيتريون ئي شڪايتون آهن، پيپلزپارٽي کي جمعيت علماءِ اسلام کي ۽ ٻين سڀني پارٽين کي خدشا آهن پوءِ ڪنهن کي گهٽ ۽ ڪنهن کي وڌيڪ آهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سڀني کي برابر موقعا ملن. هن چيو ته جتي سيڪيورٽي جا خدشا هوندا آهن اتي جڏهن ڪا ريلي نڪري ٿي ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اتي امن امان قائم ڪريون ڇو ته سيڪيورٽي ٿريٽ به هوندا آهن. هن چيو ته هڪ ڳالهه واضح آهي ته نگران حڪومت ڪنهن به هڪ پارٽي کي ٽارگيٽ ناهي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته منهنجي خواهش آهي ته اسان جي حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي جي لاءِ اڇو چٺو پڌرو ڪري ته جيئن سڀني ماڻهن کي خبر پئجي سگهي ته اسان ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ته جيئن ايندڙ حڪومت وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهي. هن چيو ته ڪابينا جي آخري گڏجاڻي ڪنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته مون پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪجهه به ناهي سوچيو، خواهش آهي ته سينيٽ ۾ رهي ڪم ڪريان، جيڪڏهن ضمني چونڊن ۾ موقعو مليو ته ان ۾ حصو وٺي پارليامينٽ جو حصو بڻجندس. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واضح ڪيو ته سندس صدر ٿيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. هن چيو ته مون قوم کي ان لاءِ خطاب نه ڪيو ڇو ته مون کي ان جي ضرورت ئي نه پئي، ڇو جو منهنجو ميڊيا سان رابطو وڌيڪ هوندو هو. جڏهن ته هڪ ٻئي نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي. هن چيو ته اسان جو مسئلو ڪشمير آهي ۽ خطي جا ماڻهو امن سان رهڻ چاهين ٿا. چونڊن جي حوالي سان نگران وزيراعطم چيو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا ۽ اهي آزاداڻي نموني سان پنهنجي قيادت چونڊيندا. نگران وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ کي غيرجمهوري طريقي سان نه پر جمهوري ۽ آئيني طريقي سان حڪومت مان ڪڍيو ويو هو ۽ انهن جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آئي هئي، جيڪا ڪامياب ٿي هئي. نگران وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي سفارتي ۽ معاشي سطح تي ڪارڪردگي بلڪل نه هجڻ جي برابر هئي، جنهن جي ڪري ڪيترائي مسئلا ٿيا. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن جي جوابدارن خلاف سول ۽ فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ايندڙ حڪومت کانپوءِ انهن جا فيصلا اچڻ شروع ٿي ويندا. بلوچستان جي حوالي سان نگران وزيراعظم چيو ته اتي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو مشڪل آهي پر ڪيترن ئي تنظيمن رياستي جي خلاف هٿيار کنيا آهن ۽ اهي ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ اهي وري سول سوسائٽي جون همدرديون به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت يا رياست ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي خلاف ڪنهن به سرگرمي جي اجازت نه ڏيندي ۽ ملڪ ۾ هر صورت ۾ امن امان قائم ڪيو ويندو.

مزید خبریں