رام الله-18 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطيني گروپ اسلامي جهاد اسرائيلي فوج جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي . جنهن ۾ غزه جي اسپتال تي حملي جي ذميواري انهن تي لاڳو ڪئي وئي آهي . واقعي ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن . فرانسيسي خابرو اداري مطابق فلسطيني گروپ اسلامي جهاد چيو آهي ته اسرائيل معمول مطابق ڪوڙ ذريعي ۽ فلسطين ۾ اسلامي جهاد تحريڪ تي الزام …
غزه جي اسپتال تي حملا ، اسرائيل جا اسان تي الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن ،اسلامي جهاد گروپ

مزید خبریں
رام الله-18 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطيني گروپ اسلامي جهاد اسرائيلي فوج جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي . جنهن ۾ غزه جي اسپتال تي حملي جي ذميواري انهن تي لاڳو ڪئي وئي آهي . واقعي ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن . فرانسيسي خابرو اداري مطابق فلسطيني گروپ اسلامي جهاد چيو آهي ته اسرائيل معمول مطابق ڪوڙ ذريعي ۽ فلسطين ۾ اسلامي جهاد تحريڪ تي الزام لڳائي ڪري غزه ۾ اسپتال تي بمباري سان وحشياڻي قتل عام جي پنهنجي ذميواري کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي . انهن چيو ته اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪيون ٿا ته دشمن طرفان لڳايل الزام ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي .











