ڪراچي - 16 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ تي صوبائي حڪومت جي سمورن ادارن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت وقتائتو قدم کڻندي سٺو ڪم ڪيو ۽ اهڙي ٽيم ورڪ جو مثال گهٽ ملندو آهي. هن طوفاني خطرو ٽري وڃڻ بابت پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ …
وڏي وزير پاران سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ تي صوبائي حڪومت جي سمورن ادارن جي واکاڻ، اهڙي ٽيم ورڪ جو مثال گهٽ ملندو آهي، الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان خطرو ٽري وڃڻ کانپوءِ سامونڊي پٽي ۾ معمول واري زندگي بحال ٿي رهي آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي – 16 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ تي صوبائي حڪومت جي سمورن ادارن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت وقتائتو قدم کڻندي سٺو ڪم ڪيو ۽ اهڙي ٽيم ورڪ جو مثال گهٽ ملندو آهي. هن طوفاني خطرو ٽري وڃڻ بابت پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سٺا قدم کنيا، الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان خطرو ٽري وڃڻ کانپوءِ سامونڊي پٽي ۾ معمول واري زندگي بحال ٿي رهي آهي. هن صوبائي حڪومت جي سمورن ادارن جي محنت ۽ لڳاءُ جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان آرمي، نيوي، رينجرز ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي پاران سنڌ حڪومت سان تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن فلاحي ادارن جو پڻ ٿورائتو آهيان جن هن امڪاني قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سامونڊي پٽي تي رهندڙ ماڻهن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جن حڪومت جي چوڻ تي پنهنجا گهر خالي ڪندي ڪئمپن ۾ ويا. وڏي وزير کين ٻڌايو ته گهر خالي ڪرائڻ جو مقصد سندن ۽ ٻارن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ هو. آخر ۾ هن موسميات کاتي پاران وقت سِر الرٽ جاري ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان کي چئبو آهي ٽيم ورڪ جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي.











