اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا توانائي بچت پلان لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو فوري طور تي سڄي مُلڪ ۾ لاڳو ٿيندو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ موجود سمورا شادي هال رات 10 وڳي ۽ مارڪيٽون ساڍا 8 وڳي بند ٿي وينديون، شادي هال، ريسٽورانٽ، مارڪيٽن جي وقت جي پابندي سان 62 ارب رپين جي بچت ٿيندي، بجلي سان هلندڙ غيرموثر پنکن تي اضافي ڊيوٽي هنئي ويندي جنهن سان 5 ارب رپين جي بچت ٿيندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي ڪابينا جي فيصلن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع پڻ موجود هئا. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته توانائي جي استعمال جي حوالي سان اسان کي پنهنجي طرز زندگي بدلائڻ جي ضرورت آهي، اسان جون عادتون باقي دنيا کان مختلف آهن، اسان قدرتي توانائي بدران توانائي کي پاڻ پيدا ڪريون ٿا جنهن تي پيداواري لاڳت اچي ٿي، اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪا لائيٽ بجلي سان روشن نه هئي، سج جي روشني ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. هن چيو ته توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدرتي وسيلن جو استعمال ڪرڻو پوندو، وفاقي حڪومت جي سمورن ادارن ۾ بجلي جي استعمال ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آندي وڃي، سمورين آفيسن ۾ بجلي جي اوزارن جي غيرضروري استعمال کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي سفارش تي توانائي بچت پلان لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪو فوري طور تي پاڪستان ۾ لاڳو هوندو، سڄي ملڪ ۾ موجود سمورا شادي هال رات 10 وڳي بند ٿي ويندا، مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ٿي وينديون، واپارين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهي ان قدم تي رضامند آهن، ان پاليسي سان شادي هال، ريسٽورانٽ، مارڪيٽن جي وقت جي پابندي سان 62 ارب رپين جي بچت ٿيندي، بجلي سان هلندڙ غيرموثر پنکا پهرين جولاءِ کانپوءِ فيڪٽرين ۾ تيار نه ڪري سگهبا، بجلي سان غيرموثر پنکن تي اضافي ڊيوٽي هنئي ويندي، ان سان 15 ارب رپين جي بچت ٿيندي. هن چيو ته گرمين ۾ 29 هزار ميگاواٽ جڏهن ته سردين ۾ 12 هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ٿئي ٿي، گرمين ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي مان 5300 ايئرڪنڊيشنڊ ۽ باقي بجلي پنکن ۽ لائيٽن جي مد ۾ استعمال ٿئي ٿي، رڳو پنکا 12 هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪن ٿا، ان ۾ وڌيڪ انگ غيرموثر پنکن جو آهي، مارڪيٽ ۾ بجلي جي بچت وارا پنکا موجود آهن، پهرين جنوري 2023ع کانپوءِ هاڻي پراڻا ٽرانسپيرنٽ بلب تيار نه ڪري سگهبا، سمورا سرڪاري ادارا توانائي جي حوالي سان بجلي جي بچت وارا اوزار استعمال ڪندا. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي حوالي سان سڌارا ڪيا پيا وڃن، سيمنٽ، سريي ۽ شيشي جي عمارتن جي مينٽيننس ڪاسٽ وڌيڪ آهي، بلڊنگ ڪوڊ متعارف ڪرايا پيا وڃن. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته گيزرز ۾ ايڪونيڪل، سيفلز لازمي قرار ڏنا ويا آهن، هڪ سال ۾ گيزرز جي اندر ايڪونيڪل سيفلز هنيا ويندا، ان سان گئس جي بچت ٿيندي، 92 ارب رپين جي بچت متوقع آهي، اسٽريٽ لائيٽس 50 سيڪڙو هلائي ويندي، 3 ارب ڊالر ماليت جو ٻارڻ ساليانو موٽرسائيڪلن ۾ استعمال ٿئي ٿو، ان کپت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ترتيبوار اي بائيڪس متعارف ڪرايا ويندا. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي توانائي بچت جي حوالي سان آگاهي مهم هلائي ويندي، پيمرا نجي ٽي وي چينلز ۽ ريڊيو چينلز جي ذريعي توانائي بچت جي مهم کي يقيني بڻائيندي، پاڻي جي بچت جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا. هن چيو ته گهر مان ڪم ڪرڻ جي تجويز تي ڪميٽي حتمي سفارشون جوڙيندي، 20 دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. هن چيو ته پارليامينٽرينز جي جدا ٽيڪس ڊائريڪٽري شايع ڪرڻ جي لاءِ ايف بي آر کي چيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي نمائندن پاران ٽيڪس ادائيگي بابت معلومات هجي. ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته توانائي جو پائيدار استعمال معيشت سان گڏوگڏ ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ پڻ تمام اهم آهي، توانائي جي بچت جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدم ديرپا نتيجا رکندڙ ثابت ٿيندا، مارڪيٽن کي جلد بند ڪرڻ، توانائي جي متبادل ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ ورڪ فراهم هوم جي پاليسي سان صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. شيري رحمان چيو ته ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ توانائي جو گهٽ ۽ پائيدار استعمال تمام اهميت رکندڙ آهي، ان سلسلي ۾ قدم کڻڻ ۾ پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي جڏهن ته موجوده حڪومت ان حوالي سان اهم قدم کنيا آهن، مارڪيٽن کي جلد بند ڪرڻ ۽ توانائي جي متبادل ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ سان صورتحال بهتر ٿيندي، اسان کي پنهنجون عدالتون بدلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته توانائي جي استعمال ۾ بچت سان درآمدي بل گهٽ ٿيندو جنهن سان معيشت کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي سببن ۾ توانائي جو غيرپائيدار استعمال به شامل آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جڏهن ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، قدرتي آفتون انهي ماحولياتي تبديلين جو نتيجو آهي جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وڻڪاري کانسواءِ توانائي جي استعمال ۾ بچت سان گڏوگڏ ان جي متبادل ذريعن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ ليڊرشپ جو عزم ۽ ماڻهن جي آگاهي جي لاءِ ميڊيا جو بطور حصيدار ڪردار تمام ضروري آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي دوران ورڪ فراهم هوم جي پاليسي جي نتيجي ۾ توانائي جي بچت ۾ مدد ملي ۽ آلودگي ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي، اها ڪامياب حڪمت عملي ثابت ٿي سگهي ٿي، ذميداريُون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد وٺي سگهجي ٿي. هن چيو ته ان ڏس ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، سمورن حصيدارن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي انجنيئر خرم دستگير خان چيو ته نيپرا سولرائيزيشن جي حوالي سان رڳو هڪ پبلڪ هيئرنگ ڪئي هئي، نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان جو ڪو آرڊر نه هو، تنهن ڪري هن سال گرمي جي موسم ۾ نيٽ ميٽرنگ وارن کي جيڪو ٽيرف ڏنو ويو هو انهي سطح تي قائم آهي، ان ۾ ڪا گهٽتائي ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته مختلف ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري ۾ هڪ بنيادي حقيقت رڪاوٽ آهي، اها اها آهي ته جتي نقصان ٿي رهيو آهي اها نجڪاري جي لاءِ موزون نه آهي، جيڪا نجڪاري لاءِ موزون آهي اتي نقصان نه ٿي رهيو آهي، نجڪاري سان ڪارڪردگي وڌندي، وزيراعظم جي قيادت ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي باءِ فنڪشن نجڪاري ڪئي وڃي، لارج اسڪيل پرائيويٽزيشن هن وقت غور هيٺ نه آهي.