APP75-03 BEIJING: November 03 – Prime Minister Imran Khan meeting with Chinese Vice President Mr. Wang Qishan. APP

بيجنگ – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ تحت سماجي اقتصادي ۽ صنعتي ترقي ۽ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ ۽ روزگار جي فراهمي بابت ٻيا منصوبا اسان جي حڪومت جي ترجيح آهن، 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ ڪرپشن جي روڪٿام بابت چين جون ڪامياب ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن ۽ پاڪستان به غربت ۾ گهٽتائي ۽ ڪرپشن جي روڪٿام جي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ چين جي نائب صدر وانگ ڪيشان سان ملاقات دوران ڪيو.