APP64-13 ISLAMABAD: May 13 – Managing Director, Associated Press of Pakistan Masood Malik and Askar Murav General Director Kazinform Kazakhstan signing an MoU at the two-day International Conference of News Agencies (ICNA), organized by the Associated Press of Pakistan (APP) under the theme, “Pakistan’s Media – Opportunities and Challenges” with special focus on ‘News Agencies – Emerging Professional Challenges.' APP photo by Afzaal Chaudhry

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ وچ ايشيائي ملڪ قزاخستان جي قومي خابرو اداري ڪازنفارم ايل ايل پي جي وچ ۾ خبرن، معلومات ۽ خبري مواد جي مٽاسٽا جي ڏس ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون مقامي هوٽل ۾ اي پي پي جي اهتمام هيٺ خابرو ادارن جي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن ٿيون. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ ۽ قزاخستان جي قومي خابرو اداري ڪازنفارم ايل ايل پي جي ڊائريڪٽر جنرل عسڪر عمروف صحيحون ڪيون. ان موقعي تي اي پي پي جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد طاهر حسن ۽ ڊائريڪٽر نيوز محمد اڪرم ملڪ پڻ موجود هئا.