اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثمان ڊار نوجوانن جي ڀلائي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته 2020ع نوجوانن جو سال آهي، نوجوانن جي لاءِ هلندڙ سال ٻن، ٻن مهينن جي وقفي سان چار نوان پروگرام شروع ڪيا ويندا، نوجوانن کي هنرمند پاڪستان پروگرام ذريعي پيشيواراڻي تربيت حاصل ڪري سي پيڪ ۽ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جا موقعا ملي سگهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي جي دوري جي موقعي تي هڪ خصوصي انٽرويو ڏيندي ڪيو.