APP52-31 ISLAMABAD: August 31 - State Minister for Foreign affairs of Japan Kazuyuki Nakane paid a courtesy call on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان انساني وسيلن جي ترقي کي پنهنجي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي ۽ انساني ترقي جي ميدان ۾ جاپان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. هن اها ڳالهه جاپان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ڪازوڪي ناڪاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس خيرسگالي ملاقات ڪئي.