اسلام آباد -12 اپريل (اي پي پي) ريڊيو پاڪستان آئين پاڪستان 1973ع جي گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي ڪرڪيٽ جشن جو اهتمام ڪيو. اسڪارپين نائٽس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ايف ايم 94 کي 9 وڪيٽن تان هارائي ريڊيو پاڪستان رمضان ڪرڪيٽ ميلو کٽي ورتو آهي. پنج ڏينهن واري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طو رتي 12 ٽيمن حصو ورتو. فائنل ۾ ايف ايم 94 پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورز ۾ صرف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 72 رنسون ٺاهيون. اسڪارپيئن نائٽس سنسني خيز مقابلي کانپوءِ گهربل هدف ميچ جي آخري اوور تي حاصل ڪري ورتو. ميچ جي پڄاڻي تي انعام ورهائڻ جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ خاص مهمان ڪنٽرولر جنرل اڪائونٽس مقبول احمد گوندل، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان طاهر حسن ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز امان الله سپرا سان گڏ کٽيندڙن ۽ رنرز اپ ۾ انعام ورهايا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاص مهمان قومي نشرياتي اداري جي بحالي ۽ پاڪستان جي آئين جي 50 سالا تقريبن جي طور تي اهڙيون صحتمند سرگرميون منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان طاهر حسن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته هي ٽورنامينٽ شهري حقن جي فراهمي جو اظهار آهي جنهن جي آئين ۾ ضمانت ڏني وئي آهي. ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل طاهر حسن ان موقعي تي آئين جي هڪ مهيني تي ٻڌل گولڊن جوبلي تقريبن جي حڪومت جي قدمن جي واکاڻ ڪندي ٽورنامينٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ منتظمين، سامعين ۽ شوقينن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته هي ٽورنامينٽ آئين جي گولڊن جوبلي تقريبون ملهائڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان جي پروگرامن جو حصو آهي، ڊائريڪٽر جنرل چيو ته اهڙيون سرگرميون اسان جي زندگي جي آزادي جي ياد ڏيارين ٿيون جنهن کي آئين ۾ تحَفظ ڏنو ويو آهي، هن راندين ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙين صحتمنداڻيون سرگرميون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.