نئين دهلي – 20 فيبروري (اي پي پي) ڀارت ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٽئين ٽيسٽ ميچ پهرين کان 5 مارچ تائين اندور ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم ڀارت کي چئن ميچن جي سيريز ۾ ڪينگروز خلاف 2-0 جي ناقابل شڪست سرسي حاصل آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ٽيسٽ پهرين کان 5 مارچ تائين اندور جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ 9 کان 13 مارچ تائين احمد آباد ۾ کيڏي ويندي. چئن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانپوءِ آسٽريلوي ٽيم ممبئي پهچندي جتي هو ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 17 مارچ تي کيڏندي. ون ڊي سيريز جي ٻئين ميچ 19 مارچ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 22 مارچ تي کيڏي ويندي.