جوهانسبرگ _ 17 فيبروري(اي پي پي) آءِ سي سي ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو (اڄ) ڇنڇر تي ٿيندو، پهرين ميچ انگلينڊ ۽ ڀارت جي ويمن ٽيمب وچ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ميزبان ڏکڻ آفريقا ۽ دفاعي چيمئپن آسٽريليا جي ٽيمن وچ۾ مقابلو ٿيندو.آءِ سي سي جي انتظام هيٺ ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو اٺون سيشن ڏکڻ آفريقا ۾ شروع ٿيندو. ميگا ايونٽ ۾ (اڄ) ڇنڇر تي ٻه ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ گروپ بي جي ٽيمن انگلينڊ ۽ ڀارت وچ۾ ۽ ٻي ميچ گروپ اي جي ٽيمن ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا وچ۾ کيڏي ويندي،ميگا ايونٽ ۾ 10 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ حصووٺنديون. ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل ميچ 26 فيبروري تي کيڏيو ويندو.