ڪراچي_ 03 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽريننگ جي شروعات(اڄ) ڇنڇر کان ڪندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي) جي جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان جي ٽيم ڪيپ ٽائون ۾ منجهند جو 2 وڳي پريڪٽس جي شروعات ڪندي جڏهن ته ڪيپ ٽائون ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٽرافي جو افتتاح پڻ ڪيو ويندو، ايونٽ ۾ سمورين ٽيمن جا ڪپتان شرڪت ڪندا، پاڪستان وويمن ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي شروعاتي ميچ کان اڳ ٻه پريڪٽس ميچون کيڏندي، جنهن ۾ پهرين ميچ بنگلاديش ۽ ٻئي ميچ ڏکڻ آفريقا جي خلاف کيڏندي، پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ گروپ بي ۾ شامل آهي، ٽيم جي اڳواڻي بسمه معروف ڪندي ،ٽيم پنهنجي پهرين ميچ روايتي مخالف ڀارت خلاف 12 فيبروري تي کيڏندي.