اسلام آباد _ 16 جنوري پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي سهڪار سان قومي مينز اينڊ ويمن نيٽ بال چيمپئن شپ 11 فيبروري کان پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس ، اسلام آباد جي لياقت جمنازيم ۾ شروع ٿيندي . پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جي صدر مدثر آرائين ٻڌايو ته چيمپئن شپ جون تياريون هاڻي کان ئي جاري آهن . چيمپئن شپ جو سيمي فائنل مقابلو 13 فيبروري تي ۽ فائنل 14 فيبروري تي کيڏيو ويندو . چيمپئن شپ جي آخر۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافيون ، ميڊلز ، سنڌون ۽ ٻيا انعام تقسيم ڪيا ويندا .