اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي ۽ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، پاڪستان کي درپيش چئلينج مان ڪڍي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، نٿو چاهيان ته هر وقت ٻين ملڪن کان ئي مدد ورتي وڃي، ڀارت سان ڪشمير مسئلي سميت سمورن تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهيون، ڀارتي قيادت کي اهو پيغام آهي ته اها اسان سان گڏجي ويهي سمورا پراڻا تڪرار حل ڪري ته جيئن هٿيارن جي ڊوڙ بدران پنهنجا وسيلا غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي سان گڏوگڏ معياري تعليم ۽ صحت جي سهولتن تي خرچ ڪري سگهون، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو غيرقانوني قدم واپس وٺي، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سميت ٻين دوست ملڪن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، اسان ان تعاون کي سيڙپڪاري ۽ واپار جي شعبن ۾ استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا. دبئي جي ”العربيه“ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سعودي عرب گڏيل عرب امارات وانگر پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان سوين سال اڳ ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ لکين مسلمان سمنڊ ۽ صحرا جي رستي مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره حج ۽ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويندا هئا ان لاءِ سعودي عرب سان اهي لاڳاپا سوين سال پراڻا آهن. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس گڏيل عرب امارات جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي، گڏيل عرب امارات منهنجو ۽ لکين پاڪستانين جو ٻيو گهر آهي ۽ ان جا پاڪستان سان انتهائي ويجها ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته هو گڏيل عرب امارات جي قيادت جو ٿورائتو آهي خاص طور تي صدر شيخ بن زايد النهيان جيڪو پاڪستان جو پراڻو مددگار ۽ مهربان آهي، هو چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ هتان جي عوام خوشحال هجي، اهڙي طرح شيخ زايد پاڪستان جو هڪ وڏو خيرخواهه دوست هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسلامي دنيا ۽ خاص طور تي نار ملڪ جيڪي پاڪستان جا پاڙيسري آهن، انهن سان لاڳاپا گڏيل مفادن، مذهب، ثقافت ۽ تاريخي رابطن تي ٻڌل آهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۽ نار ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ اهو عزم موجود آهي ته هڪ ٻئي سان واپار، ثقافت ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملي، اسلام کي امن، برابري ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي نفي ڪندڙ دين طور فروغ ڏيڻ جو عزم آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ هڪ متفقه ايجنڊا ۾ پويل آهن، انهن سمورن بنيادن تي اسان اسٽريٽجڪ حصيدار آهيون. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان کي جيڪو معاشي چئلينج درپيش آهي اهو ڪنهن طور تي به نار ملڪن جي مدد کانسواءِ حل نه پئي ٿي سگهيو، انهن ملڪن پاران پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي وئي آهي، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات سميت ٻين ملڪن ڀرپور مدد ڪئي آهي، منهنجو اهو ويزن نه آهي ته هر وقت ٻين ملڪن کان ئي مدد ورتي وڃي، پاڪستاني قوم هڪ بهادر ۽ محنتي قوم آهي ۽ منهنجو اهو ايمان آهي ته اها هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي پيرن تي بيهندي، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، جيتوڻيڪ اهي ملڪ سدائين پاڪستان جي مدد لاءِ تيار رهن ٿا پر اسان نه ٿا چاهيون ته اسان هر وقت انهن کان مدد جي گهر ڪندا رهون، اها هڪ شاندار روايت آهي ته مشڪل ۾ ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪري ٿو پر اسان ان امداد کي واپار، سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ۽ هتي معاشي بهتري اچي ۽ ڀارت کي پٺتي ڇڏيون ۽ انشاءَ الله اهو ڏينهن ضرور ايندو ۽ اهو خواب ضرور پورو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اسان پنهنجي پسند سان پاڙيسري نه آهيون، اهو اسان تي آهي ته اسان کي امن ۽ خوشحالي سان رهڻ گهرجي، پاڪستان ماضي مان سبق سکيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽي جنگيون ٿي چڪيون آهن، انهن جنگين جا نتيجا وڌيڪ غربت، بيروزگاري ۽ لکين ماڻهن جي زندگين ۾ ابتري طور سامهون آيا، منهنجو ڀارت جي قيادت ۽ وزيراعظم مودي کي اهو پيغام آهي ته اهي اسان سان گڏ ويهن ۽ سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه ڪن، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، اهي بند ٿيڻ گهرجن ۽ دنيا کي اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته ڀارت ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، اسان مڪمل طور تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون، ڪشميرين کي ملندڙ حق هڪطرفي طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي قدم سان ختم ڪيا ويا. هن چيو ته منهنجو ڀارتي قيادت کي اهو پيغام آهي ته تڪرار ختم ڪري اسان پنهنجي وسيلن کي هٿيارن جي ڊوڙ بدران غربت، بيروزگاري جي خاتمي، صحت ۽ تعليم جي مثالي سهولتن جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا، ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت آهن، مون محمد بن زايد کي اها گذارش ڪئي ته هو ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسان سچي دل سان ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهيون ٿا، ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي اهو سڀني جي سامهون آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن دنيا جي بقاءَ ۽ گڏيل بقاءَ جو دارومدار امن تي آهي، دنيا ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون بلند ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن جيڪي تصور کان به وڌيڪ آهن، دنيا کي هٿيارن جي ڊوڙ مان نڪرڻ گهرجي، چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پاڪستان هڪ پل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان کي بدترين معاشي چئلينجز درپيش آهن، جڏهن ته اسان انهن چئلينجن جو مقابلو ڪنداسين، محنت ۽ قرباني سان انهن چئلينجن تي ضابطو آڻينداسين، اسان جا دوست ملڪ اسان جي مدد ڪري رهيا آهن، جرمني جاپان کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو هو پر جاپان پنهنجي محنت سان اڄ دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪري چڪو آهي، اهو اسان جي مٿان آهي ته اسان کي محنت ۽ لڳن سان ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن چئلينجن مان نڪري سگهون. هن چيو ته آئون آخري شخص هوندس جيڪو ڪنهن به قسم جي به ڪرپشن برداشت نه ڪندس ۽ نه ئي وري منهنجي حڪومت ۾ ان جي ڪا گنجائش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي حڪومت آئين موجب پنهنجو مدو پورو ڪندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ اهو پيغام آهي ته جهڙي طرح نار ملڪن واريءَ کي سون ۾ بدلايو، سعودي عرب هن وقت دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اسان جي لاءِ ضروري آهي ته محمد بن سلمان ۽ محمد بن زايد جي قيادت ۾ جهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي اهڙي طرح اسان به ان مان سبق حاصل ڪريون.