جهلم – 22 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪندڙ عنصرن کي ناڪامي ٿيندي، داسو واقعي کانپوءِ چين داسو ڊيم تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي آهي، هر مشڪل ۾ ساٿ ڏيڻ تي چين جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون، داسو واقعي جي جاچ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ان واقعي جي پٺيان سي پيڪ کي ناڪام ڪرڻ جون خواهشمند قوتون آهن، افغان نائب صدر جو تازو بيان افسوس جوڳو آهي، افغان حڪومت پنهنجي ناڪامين جو بار پاڪستان تي وجهڻ چاهي ٿي، پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام جو رشتو تمام مضبوط آهي، پاڪستان سدائين افغانستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيو آهي، افغانستان جا مسئلا افغان عوام کي ئي حل ڪرڻا آهن، پاڪستان رڳو تعاون ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته داسو واقعي ۾ سي پيڪ مخالف قوتون ملوث آهن جيڪي ان منصوبي کي روڪڻ چاهينديون هيون پر چين داسو ڊيم تي ڪم جي رفتار تيز ڪري ڇڏي آهي. اهو پاڪستان ۽ چين جو پاڻ ۾ اعتماد جو رشتو آهي، چين پاڪستان جو هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي جنهن تي چين جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته داسو واقعي جي جاچ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي خلاف سازشون ڪندڙن کي ناڪامي ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي نائب صدر امر صالح جا پاڪستان مخالف بيان افسوس جوڳا آهن، افغانستان جا معاملا يا مسئلا افغانستان جي ماڻهن کي حل ڪرڻا آهن، اسان رڳو مدد ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي جنهن جو مثال نه ٿو ملي پر بدقسمتي سان افغان حڪومت پنهنجي ناڪامين جو بار پاڪستان تي وجهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته امر صالح جو افغانستان سان ڪو تعلق نه آهي، سندس خاندان اتي نه ٿو رهي، ان جون پاڙون افغانستان ۾ نه آهن، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي افغانستان مان مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، جيئن ئي انهن جو افغانستان مان مفاد ختم ٿي ويندو، هي اتان هليا ويندا. هن چيو ته افغانستان افغان بهادر قوم جو آهي، پاڪستان ۽ افغانستان جي ماڻهن جو پاڻ ۾ مضبوط رشتو آهي، ڪجهه دلبرداشته قوتن پاران اهڙي قسم جي بيانن جي ڪا حيثيت نه آهي.