اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فيسڪو جي ڪوتاهي جي ڪري ماڻهن تمام گهڻي مشڪل کي منهن ڏنو آهي، جيڪو به آفيسر پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري ان جي خلاف اهڙو ئي ايڪشن ٿيڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عوام کي وقت سر ريليف ڏيڻ سندن ذميواري آهي.