APP34-040721 ISLAMABAD: July 04 - Special Assistant to Prime Minister (SAPM) on Food Security Jamshed Iqbal Cheema has said that government would spent Rs.14 billion on artificial insemination of livestock in order to replace the local animals breeds with high productivity supper breeds for enhancing domestic output of milk and meat during interview with APP. (Match the photo with APP interview slugged “Govt to spent Rs14 bln on artificial insemination to replace local breeds with super breed” already been released. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي غذائي تحفظ واري خاص معاون جمشيد اقبال چيما چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ آبادگار برادري، صارفين ۽ زرعي ۽ صنعتي شعبي سميت سمورن حصيدارن جي مفاد کي نظر ۾ رکي مستقبل جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي پائيدار زرعي ترقي حاصل ڪرڻ ۽ درآمدي غذائي شين تي دارومدار گهٽ ڪندي زرعي پيداوار ۾ اضافي، آبادگارن، صارفين ۽ مقامي صنعت جي تحفظ وارو اهم منصوبو آهي، ان منصوبي تحت زرعي پيداوار جي معيار ۾ اضافي، فوڊ پروسيسنگ ۾ جدت، معاشي ترقي ذريعي آبادگار برادري ۽ لاڳاپيل ڌرين جي لاءِ سماجي ۽ مالياتي انصاف کي يقيني بڻايو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٻجن جي نئين قسمن ذريعي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي، تحقيقي سرگرمين جي فروغ، ايگرڪلچر مالز قائم ڪرڻ، لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي جديد رخن تي آڻڻ ۽ غذائي درآمدات تي دارومدار ختم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، زرعي شعبي جي بجيٽ کي ماضي جي 1.6 ارب رپين جي بجيٽ مان وڌائي 62 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ملڪ جي ٻين علائقن سان گڏوگڏ خاص طور تي بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيندڙ قبائلي علائقن، ڊيره اسماعيل، پوٺوهار جو خطو، هزاره جو علائقو، گلگت بلتستان ۾ نئين عزم سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ غذائي درآمدات تي دارومدار کي ختم جڏهن ته کير، ماکيءَ، ميون، ڀاڄين، دالين، زيتون، ٽرائوٽ مڇي، سويابين ۽ سپر فوڊ جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو ويندو. لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، زرعي شعبي ۾ تحقيقي سرگرمين جي فروغ لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آبادگارن جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ ۾ ايگريڪلچر مالز قائم ڪنداسين جن جي لاءِ حڪومت مالي مدد فراهم ڪندي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 22 ڪروڙ ايڪڙ ۾ وڌ کان وڌ علائقي کي سرسبز شاداب بڻايو وڃي، في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي زرعي شعبي جي ترقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪيلريز جو استعمال ڪريون ٿا، فروٽ ۽ گوشت جو استعمال به گهٽ آهي، وزيراعظم جو ويزن آهي ته اسان پنهنجي وسيلن کي اهڙي طرح استعمال ڪريون جو متوازن خوراڪ حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته حڪومت زراعت جي سمورن شعبن تي ڌيان ڏنو آهي، پٽاٽي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ بيمارين کان پاڪ ٻج کي فروغ ڏئي پيداوار ۾ اضافو ڪيو ويندو، پٽاٽي جي سالياني پيداوار 5.7 ملين ٽن آهي جڏهن ته طلب ۾ ساليانو 10 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي، وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پٽاٽو ٽشو ڪلچر کي فروغ ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جي سمورن حصن ۾ زراعت جي ترقي تي هڪ جهڙو ڌيان ڏنو پيو وڃي، بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي ترقي ۽ بهتري جي وسيع گنجائش کي نظر ۾ رکندي لائيو اسٽاڪ، ميون ۽ ڀاڄين سميت ٻين جنسن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، بلوچستان ۾ موجوده حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 735 ننڍا وڏا ڊيم تعمير ڪيا آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ لائيو اسٽاڪ، ميون ۽ ڀاڄين ۽ فشريز جي شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جي بي جي آبادي 16 لک جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته جانور 32 لک کان وڌيڪ آهن، ان علائقي ۾ ميون، ڀاڄين، ميڊيسن پلانٽس، سپر فوڊ جي پيداوار ۾ اضافي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت پروسيسنگ ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ مقامي آبادي سان گڏجي موثر حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ميويدار وڻن جي پوکيءَ ۾ اضافي، زيتون، سويابين، مڪئي، ميڊيسن پلانٽس، دالين ۽ آئل سيڊ جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ قبائلي علائقن سميت اترئين خيبرپختونخواهه جي علائقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي موزون علائقن ۾ زرعي جنسن جي پيداوار کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته پوٺوهار سيڊز جي پيداوار ۾ اضافي جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي، مارگلا هلز ۽ اسلام آباد جي ٻين علائقن ۾ ماکيءَ جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪالونيون قائم ڪنداسين، ماکيءَ جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ پي اي آر سي سميت مختلف يونيورسٽين کي شامل ڪري آگاهي ۽ معلومات فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته درآمدات تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ نعم البدل پيدا ڪنداسين. هن چيو ته پنجاب صوبي ۾ وڏين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ هدف مقرر ڪيا ويا آهن، جديد ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏئي في ايڪڙ پيداوار کي 1.5 مان وڌائي 2.5 تائين کڻي وينداسين، آبادگارن ۾ ڪڻڪ کانپوءِ مُڱ، مڪئي جي فصل پوکڻ لاءِ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪڻڪ جي فصل کي هڪ مهينو اڳ پوکڻ جي لاءِ به آبادگارن کي ترغيب ڏني ويندي ته جيئن فصل جي واڍيءَ کانپوءِ ٻي فصل پوکي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کير ۽ ڪڻڪ جي پيداوار کي ٽيڻ تي وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ 10 ڪروڙ ٻڪريون، 4 ڪروڙ 90 لک ڳئون ۽ 10 ڪروڙ 10 لک مينهون آهن، جانورن جي نسل وڌائي ۽ معيار کي بهتر بڻائي نه رڳو معاشي ترقي جي رفتار تيز ڪري سگهجي ٿي پر غربت ۾ به گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، وزيراعظم جي ويزن تحت زرعي ٽرانسفارميشن پلان جو مقصد زرعي شعبي کي ترقي ڏئي غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ، معاشي ۽ صنعتي بحالي، خوراڪ جي سستي اگهن تي دستيابي ۽ آبادگارن کي هر ممڪن سهولت جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته ڪپهه جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي، بلوچستان، چولستان، ٿر سميت ٻين علائقن ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري ايندڙ سال ٽيڪسٽائيل جي شعبي جي برآمدات کي 20 ارب ڊالر تائين آڻڻ جا امڪان روشن آهن. هن چيو ته زرعي شعبو ان لاءِ به اهميت رکندڙ آهي ان سان گهڻي آبادي جو روزگار واڳيل آهي، ان شعبي کي ترقي ڏئي نه رڳو خوراڪ ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪري سگهجي ٿي پر روزگار جا موقعا به وڌائي سگهجن ٿا.