اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ابو بچائو ڊرامي جي ناڪامي کانپوءِ اڄ رد ٿيل سياسي ٽولو سوات ۾ نئون ڊرامو اسٽيج ڪرڻ وڃي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان ڊرامي جا سمورا ڪردار ئي ورهائجي چڪا آهن، انهن سياسي آواره گردن جو نه ڪو نظريو، نه ڪو رستو نه ئي منزل آهي. ڀٽڪيل روحن وانگر ڪڏهن هڪ در تي ڪڏهن ٻئي در تي، وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪافي نه آهي پنهنجو پروگرام ڏيو.