APP01-14 ISLAMABAD: September 14 – Special Assistant to PM for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan with Federal Minister for Law and Justice Barrister Dr. Muhammad Farogh Naseem and Ministers for Law Punjab and KPK addresses a joint press conference at PID. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ سمورا ادارا ڪوششون ڪري رهيا آهن، جمهوريت ۽ معاشرو مخالف ڌر جي ڪردار کانسواءِ مڪمل نٿو ٿئي، مخالف ڌر جي رويي سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچي رهيو آهي، جيڪو پاڪستاني بيانيي جي نفي ڪندو اهو سياست جي آسمان تان گم ٿي ويندو، اڄ ڪشمير ڪنهن هڪ پارٽي طرف نه پر پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڀارت جو اصل چهرو پوري دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، عام پاڪستاني جي سهولت لاءِ قانونن ۾ تبديليون آنديون پيون وڃن، ملڪي قانونن ۾ تبديلين جي حوالي سان وزيراعظم جون هدايتون ملنديون رهنديون آهن، وزيراعظم عمران خان ملڪ کي ناڪاره نظام مان ڪڍڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.