اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) ماسڪو ۾ يو ڊبليو سي جي سائنٽيفڪ سينٽر فار انٽرنيشنل اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي سربراهه ڊاڪٽر روڪسو لانا زيگون چيو آهي، ته پاڪستان کي پاڻي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ سان ملڪ جي زراعت، غذائي تحفظ ۽ مجموعي معيشت تي سنگين اثر پوندا. اڱاري ڏينهن هتي جناح ڪنويشن سينٽر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي انتظام هيٺ سنڌ طاس …
پاڪستان کي پاڻي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ سان ملڪ جي زراعت، غذائي تحفظ ۽ مجموعي معيشت تي سنگين اثر پوندا: ڊاڪٽر روڪسو لانا زيگون

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) ماسڪو ۾ يو ڊبليو سي جي سائنٽيفڪ سينٽر فار انٽرنيشنل اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي سربراهه ڊاڪٽر روڪسو لانا زيگون چيو آهي، ته پاڪستان کي پاڻي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ سان ملڪ جي زراعت، غذائي تحفظ ۽ مجموعي معيشت تي سنگين اثر پوندا. اڱاري ڏينهن هتي جناح ڪنويشن سينٽر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي انتظام هيٺ سنڌ طاس معاهدو؛ امن ۽ علائقائي استحڪام جو اهم ذريعو جي منعقد عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان چناب درياهه جي وهڪري ۾ غيرمعمولي لاهن چاڙهن تي ڪيترائي ڀيرا ڀارت آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آبي انتظام بابت خدشن کي سنڌ طاس معاهدي ۾ طئي ٿيل طريقيڪار تحت حل نه ڪيو ويو ته ڀارت جي مٿانهين وارن درياهي علائقن ۾ ڊيمن جي تعمير علائقائي عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان جو موقف پيش ڪندي هن چيو ته 1960ع جو سنڌ طاس معاهدو بدستور مڪمل طور تي اثرائتو، عمل جوڳو ۽ قانوني طور تي پابند معاهدو آهي. هن خبردار ڪيو ته معاهدي جي مسلسل هڪ طرفي معطلي جا نه رڳو پاڪستان ۽ ڀارت پر سڄي ڏکڻ ايشيا لاءِ سنگين سلامتي ۽ انساني نتيجا برآمد ٿي سگهن ٿا. هن سنڌ طاس معاهدي کي تاريخ ۾ سرحد پار آبي وسيلن جي ورهاست بابت سڀ کان ڪامياب ۽ پائيدار معاهدن مان هڪ قرار ڏيندي چيو ته هي گڏيل آبي وسيلن جي پرامن انتظام لاءِ اڄ به عالمي سطح تي هڪ مثالي نمونو آهي. هن مستقل انڊس ڪميشن جي اهميت تي به روشني وجهندي ان کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين، تعاون ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ هڪ موثر اداراجاتي نظام قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ آبي شعبي ۾ تعاون اڻٽر آهي.











