پاڪستان کي مسئلا حل ڪرڻ، نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهڻ لاءِ گريجوئيٽس جي ضرورت آهي: سينيٽ چيئرمين

پشاور - 30 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪستان کي مسئلا حل ڪرڻ، نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهڻ لاءِ گريجوئيٽس جي ضرورت آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي سول ۽ عسڪري قيادت مبارڪن جي مستحق آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ صوابي جي سالياني ڪانووڪيشن …

پشاور – 30 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪستان کي مسئلا حل ڪرڻ، نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهڻ لاءِ گريجوئيٽس جي ضرورت آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي سول ۽ عسڪري قيادت مبارڪن جي مستحق آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ صوابي جي سالياني ڪانووڪيشن ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري طرفان غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي سالياني ڪانووڪيشن ۾ اوهان جي وچ ۾ موجودگي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. سمورن گريجوئيٽ ٿيندڙن کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. هي ڪاميابي اوهان جي محنت جو نتيجو آهي. اوهان جي والدين ۽ استادن کي به دل جي گهرائين سان مبارڪون پيش ڪيان جن جي عيوض اوهان ڪاميابي جو هي سفر طي ڪيو. هن چيو ته ان عظيم تعليمي اداري جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هي انتهائي فخر جي ڳالهه آهي ته هي ادارو ڪمپيوٽنگ، انجنيئرنگ، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ مينجمينٽ جي ميدان ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته  يونيورسٽيز جي سڃاڻپ اتان تعليم حاصل ڪري فارغ ٿيندڙ شاگردن جي تعداد سان نه پر جديد دور  جي گهرجن موجب ريسرچ مان ٿيندي آهن. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ نوجوانن تي ٻڌل سڀ کان وڏي آبادي وارو ملڪ آهي جيڪو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي ۽  اهو ان وقت ممڪن ٿيندو جڏهن اوهان پنهنجي نوجوانن کي علم ۽ هنر سان سينگاريندا. هن چيو ته اسان کي انجنيئرز، سائنسدانن ۽ تحقيق ڪندڙن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي اهڙن گريجوئيٽس جي ضرورت آهي جيڪي مسئلن کي حل ڪن، نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهن.  هن  چيو ته انسٽيٽيوٽ جي ڪانووڪيشن لاءِ هي هال ڪافي ناهي، مان تجويز ڏيان ٿو ته ايندڙ ڪانووڪيشن اسلام آباد جي ڪانووڪيشن هال ۾ منعقد ڪيو وڃي. هن چيو ته هو ان موقعي تي پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت کي مبارڪون ۽ خراج تحسين پيش ڪري ٿو جن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن جي قيام ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ان امن عمل جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته هي تمام وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان مان پوري دنيا کي فائدو کڻڻ گهرجي. ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين انسٽيٽيوٽ مان تعليم حاصل ڪري فارغ ٿيندڙ شاگردن ۾ سندون ورهايون  ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن کي ميڊلز سان نوازيو.  ان موقعي تي خيبر پختونخوا جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي،  فيڪلٽي ميمبر ۽ ٻيا عملدار موجود هئا. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ پهچڻ تي سينيٽ چيئرمين جو شاندار استقبال ڪيو ويو.

مزید خبریں