اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) پاڪستان جي انڊس واٽرز ڪمشنر سيد مهر علي شاهه چيو آهي، ته ڀارت هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدي کي نه ته معطل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ختم ڪري سگهي ٿو، اهو ٻنهي ملڪن وچ ۾ قانوني طور تي پابند عالمي معاهدو آهي، جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ پاڪستان جي آبي تحفظ لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. اڱاري …
پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي ۽ معاهدي جي شقن موجب سنڌو درياهه جي طاس ۾ پنهنجي جائز آبي حصي جو هر قيمت تي تحفظ جاري رکندو: سيد مهر علي شاهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) پاڪستان جي انڊس واٽرز ڪمشنر سيد مهر علي شاهه چيو آهي، ته ڀارت هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدي کي نه ته معطل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ختم ڪري سگهي ٿو، اهو ٻنهي ملڪن وچ ۾ قانوني طور تي پابند عالمي معاهدو آهي، جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ پاڪستان جي آبي تحفظ لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدو: امن ۽ علائقائي استحڪام جو ذريعو جي منعقد عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي سيد مهر علي شاهه چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ حتمي ۽ قانوني تصفيو آهي جنهن ۾ ڪنهن به ڌر کي هڪ طرفي طور سياسي فيصلي ذريعي ان کي معطل يا ختم ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو بنيادي طور تي ان مقصد لاءِ جوڙيو ويو هو ته پاڻي جي معاملن کي سياسي تڪرارن کان ڌار رکيو وڃي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امڪاني ڇڪتاڻ کي روڪي سگهجي. هن جو چوڻ هو ته معاهدي جو آرٽيڪل 9 ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن جي حل لاءِ هڪ جامع ۽ واضح طريقيڪار فراهم ڪري ٿو. پاڪستان جي انڊس واٽرز ڪمشنر چيو ته معاهدي تحت ڀارت تي لازم آهي ته هو پاڪستان سان درياهن جي وهڪري ۽ هائيڊرولاجيڪل ڊيٽا جي وقت سر ڏي وٺ ڪري. هن چيو ته ڀارت طرفان گهربل آبي ڄاڻ فراهم نه ڪرڻ ڳڻتي جو سبب آهي ڇاڪاڻ ته هيٺين وهڪري واري ملڪ لاءِ وقت سر آبي انگ اکر پاڻي جي اثرائتي انتظام ۽ امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻٽر هوندا آهن. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي عملي ڍانچي ۽ ان جي ضابطيڪار جو تحفظ علائقائي استحڪام لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته هي معاهدو دنيا جي ڪامياب ترين عالمي آبي حصيداري جي معاهدن ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ گڏيل آبي وسيلن تي پرامن تعاون جو هڪ عالمي مثال به آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان کي اهڙن پن بجلي منصوبن تي ڪو اعتراض ناهي جيڪي سنڌ طاس معاهدي جي شرطن موجب هجن. جڏهن ته ڀارت طرفان معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي عالمي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويندو. هن ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي عالمي ذميوارين ۽ معاهدي تحت ڪيل واعدن جي مڪمل پاسداري ڪن. سندس چوڻ هو ته پاڻي کي ڪڏهن به سياسي يا جنگي هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي ۽ معاهدي جي شقن موجب سنڌو درياهه جي طاس ۾ پنهنجي جائز آبي حصي جو هر قيمت تي تحفظ جاري رکندو.











