اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي صدر ايمبيسڊر جوهر سليم چيو آهي، ته آبي تحفظ ۽ علائقائي تعاون لاءِ سنڌ طاس معاهدي تي ان جي روح مطابق مڪمل عملدرآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد اثرائتو رستو آهي. اڱاري ڏينهن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي انتظام هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ سنڌ طاس معاهدو: امن ۽ علائقائي استحڪام جو اهم ذريعو جي موضوع تي …
آبي تحفظ ۽ علائقائي تعاون لاءِ سنڌ طاس معاهدي تي ان جي روح مطابق مڪمل عملدرآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد اثرائتو رستو آهي: ايمبيسڊر جوهر سليم

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي صدر ايمبيسڊر جوهر سليم چيو آهي، ته آبي تحفظ ۽ علائقائي تعاون لاءِ سنڌ طاس معاهدي تي ان جي روح مطابق مڪمل عملدرآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد اثرائتو رستو آهي. اڱاري ڏينهن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي انتظام هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ سنڌ طاس معاهدو: امن ۽ علائقائي استحڪام جو اهم ذريعو جي موضوع تي منعقد عالمي سيمينار جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پائيدار امن جو بهترين رستو عالمي قانون جي احترام، عالمي معاهدن جي پاسداري ۽ اهڙن ادارن جي اهميت کي مڃڻ ۾ آهي جيڪو ملڪن کي پنهنجا اختلاف پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته آبي تحفظ تي ڀاڙڻ صرف دستياب پاڻي جي مقدار تي نه پر خاطري، شفافيت، ڊگهي نظر ۽ گڏيل تعاون تي به آهي. هن چيو ته ان ڪري سنڌ طاس معاهدي تي ان جي متن ۽ روح مطابق مڪمل عملدرآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته آبي وسيلن جي موثر انتظام، علائقائي تعاون ۽ پائيدار امن لاءِ عالمي معاهدن جي پاسداري اڻٽر آهي ۽ سنڌ طاس معاهدو ان حوالي سان هڪ مضبوط ۽ اثرائتو بنياد فراهم ڪري ٿو.











