APP05-06 ISLAMABAD: September 06 – Chairman of Peace and Culture , Mushaal Hussein Mullick who is struggling for the tranquility of people of Kashmir is addressing an event regarding the Prime Minister Imran Khan appeal to the entire nation to come out and to stand for 30 minutes on Friday to show solidarity with Kashmiri people against the Indian government’s decision to revoke special autononmus status of Jammu and Kashmir, at APP Headquarters. APP photo by Saadia Haidari

اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشال ملڪ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ بدترين ميڊيا بليڪ آئوٽ سبب اخبارن جون آفيسون ساڙيون پيون وڃن، سڄي ڪشميري قوم کي يرغمال بڻايو ويو آهي، والاريل ڪشمير جي شهرين جا سڀئي حق غضب ڪيا ويا آهن، ڀارتي فوج جي غنڊن ڪشميرين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ڪشمير جي سموري قومي قيادت کي نظربند ڪيو ويو آهي، پوري ڪشميري قوم پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي، پاڪستاني قوم جو جذبو ڏسي خوشي ٿيندي آهي، هاڻي ان تحريڪ کي باقاعده هلائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم دفاع ۽ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏينهن جي موقعي تي قومي خابرو اداري اي پي پي جي ايمپلائيز يونين جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.