حج 2027ع لاءِ شهرين جي آن لائن رجسٽريشن بعد بقايا جي آن لائن ادائيگي جو نظام به تيار ڪيو ويو آهي: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد-30 جون(اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي حج آپريشن کي مڪمل طور ڊجيٽائيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حج 2027ع جي خواهشمند پاڪستانين جي آن لائن رجسٽريشن کانپوءِ بقايا جي آن لائن ادائيگي جو نظام به تيار ڪيو ويو آهي. ون لنڪ ذريعي حج جي بقايا گهر ويٺي جمع ڪرائڻ ممڪن هوندو جيڪو حج آپريشن مڪمل ڊجيٽل بنائڻ …

اسلام آباد-30 جون(اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي حج آپريشن کي مڪمل طور ڊجيٽائيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حج 2027ع جي خواهشمند پاڪستانين جي آن لائن رجسٽريشن کانپوءِ بقايا جي آن لائن ادائيگي جو نظام به تيار ڪيو ويو آهي. ون لنڪ ذريعي حج جي بقايا گهر ويٺي جمع ڪرائڻ ممڪن هوندو جيڪو حج آپريشن مڪمل ڊجيٽل بنائڻ طرف وڏو قدم آهي. گذريل ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي سهڪار سان ڊجيٽل حج نطام، شفافيت ۽ سهولت جو نئون مثال آهي. آن لائن حج پورٽل ڏيڍ لک ماڻهن جي رجسٽريشن مڪمل ڪئي آهي. هن چيو ته حج بقايا لاءِ بينڪ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. درخواست گذار ون لنڪ ذريعي بقايا جمع ڪرائي سگهندا. هن چيو ته حج 2027ع جي رجسٽريشن هاڻي گهر ويٺي ڪلڪس تي ممڪن آهي. رجسٽريشن کان ادائيگي تائين حج نطام مڪمل ڊجيٽل هوندو. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني به گهر ويٺي حج رجسٽريشن ۽ ادائيگي ڪري سگهندا. هن چيو ته حج پورٽل تي درخواست جو اسٽيٽس هڪ ڪلڪ تي دستياب هوندو.

مزید خبریں