ڄامشورو- 30 جون(اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪيميڪل انجنيئرنگ شعبي سان لاڳاپيل استاد ڊاڪٽر عمران نذير آمريڪا جي يونيورسٽي آف الينوائي اربانا-شمپين مان پنهنجي پي ايڇ ڊي فيلوشپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪري ورتي آهي. ياد رهي ته اها فيلوشپ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي پوسٽ ڊاڪٽورل فيلوشپ پروگرام تحت 13 سيپٽمبر 2025ع کان 18 جون 2026ع تائين جاري رهي. ڊاڪٽر عمران نذير جو چوڻ آهي ته سندس تحقيق پاور …
مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪيميڪل انجنيئرنگ شعبي جي استاد ڊاڪٽر عمران نذير آمريڪا جي يونيورسٽي مان پنهنجي پي ايڇ ڊي فيلوشپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪري ورتي

مزید خبریں
ڄامشورو- 30 جون(اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪيميڪل انجنيئرنگ شعبي سان لاڳاپيل استاد ڊاڪٽر عمران نذير آمريڪا جي يونيورسٽي آف الينوائي اربانا-شمپين مان پنهنجي پي ايڇ ڊي فيلوشپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪري ورتي آهي. ياد رهي ته اها فيلوشپ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي پوسٽ ڊاڪٽورل فيلوشپ پروگرام تحت 13 سيپٽمبر 2025ع کان 18 جون 2026ع تائين جاري رهي. ڊاڪٽر عمران نذير جو چوڻ آهي ته سندس تحقيق پاور جنريشن ريئيڪٽرز جي پيسِو ڪولنگ سسٽم جي ڪمپيوٽيشنل ماڊلنگ ۽ سيميوليشن تي مدار رکي ٿي، ان جو مقصد جديد ڪولنگ ٽيڪنالاجي جي ڪارڪردگي ۽ حفاظت کي بهتر بنائڻ آهي. ڊاڪٽر نذير مهراڻ يونيورسٽي، ايڇ اي سي ۽ ميزبان اداري جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته منهنجي تحقيق پاڪستان ۾ انجنيئرنگ جي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.










