مڪه مڪرمه ۾ قرآن ڪريم ميوزيم ۾ قديم ترين نسخه به نمائش لاءِ رکيا ويا

مڪه مڪرمه-30 جون(اي پي پي) اسلامي دنيا جي مقدس ترين شهر مڪه مڪرمه جي حرا ڪلچرل ڊسٽرڪٽ جي قرآن ڪريم ميوزيم ۾ موجود قيمتي قرآني نسخن سميت هڪ قديم ترين نسخو به نمائش لاءِ رکيو ويو آهي جيڪو زائرين جي ڌيان جو مرڪز رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ناياب قديم ترين نسخو قازان شهر ۾ 1324 هه موجب 1906ع ۾ شايع ڪيو ويو هيو . قرآني نسخي جي حاشيي ۾ …

مڪه مڪرمه-30 جون(اي پي پي) اسلامي دنيا جي مقدس ترين شهر مڪه مڪرمه جي حرا ڪلچرل ڊسٽرڪٽ جي قرآن ڪريم ميوزيم ۾ موجود قيمتي قرآني نسخن سميت هڪ قديم ترين نسخو به نمائش لاءِ رکيو ويو آهي جيڪو زائرين جي ڌيان جو مرڪز رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ناياب قديم ترين نسخو قازان شهر ۾ 1324 هه موجب 1906ع ۾ شايع ڪيو ويو هيو . قرآني نسخي جي حاشيي ۾ آيتن جي تشريح به ڪئي وئي آهي جيڪا ان دور جي عالمن جي علمي خدمتن جي واضح عڪاسي آهي. قرآن مجيد جو اهو نسخو شاهه فيصل ريسرچ اينڊ اسلامڪ اسٽڊي ۾ محفوظ آهي جنهن کي ميوزيم ۾ رکڻ جو مقصد قرآني ورثي ۽ اسلامي تهذييب کان زائرين کي آگاهي  ڏيڻ آهي. ميوزيم ۾ اهڙا اهم نسخه موجود آهن جيڪي قرآن ڪريم جي ڪتابت ۽ طباعت جي اهم تاريخي مرحلن کي ظاهر ڪن ٿا ان کي جديد انٽر ايڪٽو ايگزهيبيشن ٽيڪنالاجي ذريعي بهتر بڻايو ويو آهي.

مزید خبریں