اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل او پي سي ڊبليو جي وفد جو استقبال ڪيو ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن (سي ڊبليو سي) تي مڪمل ۽ موثر عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ترجمان سفير طاهر …
پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ پاران پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل او پي سي ڊبليو جي وفد جو استقبال

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل او پي سي ڊبليو جي وفد جو استقبال ڪيو ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن (سي ڊبليو سي) تي مڪمل ۽ موثر عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ترجمان سفير طاهر حسين اندرابي وفد کي ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تي پاڪستان جي عملدرآمد، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ بابت وسيع تر ترجيحن ۽ او پي سي ڊبليو جي اندر پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ فعال تعاون بابت بريفنگ ڏني. اهو وفد 16 ملڪن سان تعلق رکندڙ 19 ناليوارن ماهرن ۽ نمائندن تي ٻڌل آهي جيڪو “ڪيمسٽري جي پرامن استعمال بابت فورم” ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد ۾ موجود آهي. اهو فورم 30 جون کان 2 جولاءِ 2026ع تائين منعقد ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۽ او پي سي ڊبليو پاران ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن جي آرٽيڪل-11 تحت گڏيل طور تي منعقد ڪيو ويندڙ ان فورم جو مقصد ڪيميائي تحفظ ۽ سلامتي، ڪيميڪلز جي ٺوس انتظام، سائنسي تحقيق ۾ ذميواراڻي طرز عمل ۽ ڪميسٽري جي پرامن استعمال جي فروغ جي لاءِ عالمي ماهرن ۽ علائقائي نمائندن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.











