APP65-06 ISLAMABAD: September 06 - Prime Minister Imran Khan chairs a meeting regarding SMEs and Construction Sector at PM Office. APP

اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي ۾ متعين ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ ان کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي تجويز سان اتفاق ڪندي لاڳاپيل کاتن جي هدايت ڪئي آهي ته ان تجويز تي غور ۽ ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن جي ترقي جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي وچ ۾ بهتر رابطن ۽ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سميڊا کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه حڪومت جي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.