APP46-02 ISLAMABAD: July 02 – Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan and Federal Minister for Religious Affairs and Inter-Faith Harmony, Noor-ul-Haq Qadri addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اولڊ ايج هومز قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيئر سٽيزن بل 2019ع ۽ عورتن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته سعودي عرب پاران 2019ع جي حج جي اضافي ڪوٽا کي سرڪاري حج اسڪيم تحت استعمال ۾ آڻڻ، اسلام آباد ۾ ماڊل جيل جي تعمير ۾ بي ضابطگين جو معاملو جاچ جي لاءِ ايف آءِ اي جي حوالي ڪرڻ، ۽ ملڪي ايئرپورٽس جي بهتر انتظام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ هفتي ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم پهرين حج اڏام ۾ روانو ٿيندڙ حاجين کي رخصت ڪندو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو.