اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصر پنهنجن ناپاڪ عزمن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي سموري قوم سلام پيش ڪري ٿي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصر پنهنجن ناپاڪ عزمن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي سموري قوم سلام پيش ڪري ٿي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ حملي جي نتيجي ۾ رينجرز جي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو. هن شهيد ٿيل رينجرز اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز جي آفيس تي دهشتگرد حملو ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ سازش آهي، دهشتگرد عنصر پنهنجن ناپاڪ عزمن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي سموري قوم سلام پيش ڪري ٿي. سردار اياز صادق وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ رياست ۽ قوم هڪ صفحي تي آهن. هن حملي ۾ شهيد اهلڪارن جي ڪٽنب ڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو جڏهن ته زخمين جي جلدي ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ قانون جي بالادستي خلاف هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، قوم پنهنجن بهادر سيڪيورٽي اداران سان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي. هن حملي ۾ شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.










