وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته شهيدن جي قربانين تي سموري قوم کي فخر آهي. مواصلات واري وزارت طرفان آچر تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي ڪنهن به صورت قبول جوڳي ناهي، ان جو …

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته شهيدن جي قربانين تي سموري قوم کي فخر آهي. مواصلات واري وزارت طرفان آچر تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي ڪنهن به صورت قبول جوڳي ناهي، ان جو ڀرپور جواب ڏيندا رهنداسين. هن شهيدن جي ڪٽنب ڀاتين سان همدردي جو اظهار ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ وطن عزيز جي حفاظت ڪري.

مزید خبریں