نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي بحرين جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر تي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن ”اسلام آباد مفاهمتي يادداشت“ تي صحيحين بعد خطي ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد …

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر تي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن ”اسلام آباد مفاهمتي يادداشت“ تي صحيحين بعد خطي ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ گڏيل مفاهمت حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته اها اڳڀرائي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته هو جلدي پاڪستان جو دورو ڪندو ته جيئن جنگ بندي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي غير معمولي ڪوششن تي ذاتي طور سندس ٿورو ادا ڪري سگهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي نيڪ خواهشن تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ خطي سميت سڄي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي مسئلن جي پرامن حل جي حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں